پي ڊي ايم هڪ غير فطري الائنس آھي جنهن جو ڪو به مستقبل ناھي پي ڊي ايم پاڪستان کي تباهي طرف ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش پيو: ڊاڪٽر نوشين حامد

سکر(رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ صدر ۽ پارلياماني سيڪريٽري صحت بابت  ڊاڪٽر نوشين حامد چيو آھي ته پي ڊي ايم هڪ غير فطري الائنس آھي جنهن جو ڪو به مستقبل  ناھي پي ڊي ايم پاڪستان کي تباهي طرف ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش پيو ڪري ملڪ جي قومي خزانن ۽ معيشت کي وڏو نقصان پهچائيندڙ ملڪ کي بچائڻ جون ڳالهيون ڪهڙي منهن سان ڪن پيا عوام انهن جي چالاڪين ۾ اچڻ وارو ناهي وزير اعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ خوشحالي طرف وڃي رهيو آھي ملڪ جو ناڙو لٽيندڙن کي ڪڏهن به اين آر او نه ملندو جلد ئي جيلن ۾ هوندا ۔پي ڊي ايم جي جلسن سان حڪومت تي ڪوبه اثر نه پوندو پي ٽي آء حڪومت  آئيني مدو پورو ڪري ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو چاهي ٿي اڳوڻن حڪمرانن جي ڪيل ڪرپشن سبب عوام ڀوڳي رهيو آھي موجوده حڪومت ملڪ کي ترقي ڏيارڻ لاء ڪم ڪري پئي۔اهڙو اظھار هن پراڻي سکر ۾ بلوچ هائوس تي پي ٽي آء نادرن سنڌ سکر ريجن ليڊيز ونگ جي اجلاس کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو اجلاس ۾ نائب صدر ليڊيز ونگ پاڪستان ڪنول اعجاز۔سيڪريٽري جنرل ناهيد کهاوڙ۔صوبائي جوائنٽ سيڪريٽري ماه جبين مغل۔نادرن سنڌ سکر ريجن ميڊم صفيا بلوچ سميت سيمه شيخ۔سلميٰ بلوچ ۽ ٻيون پڻ موجود هيون ڊاڪٽرنوشين حامد وڌيڪ چيو ته پي ٽي آء حڪومت عورتن جي ٻين مسئلن سميت انهن جي حقن ۽ تحفظ لاء ڪوششون ڪري پئي جڏهن ته ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ پڻ عورتن جو اهم رول آھي جنهن کي ڪڏهن به رد ڪري نه ٿو سگهجي هن چيو ته پي ٽي آء حڪومت ۾ جيڪي حق عورتن کي مليا آھن  ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته عورتن کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاء پي ٽي آء حڪومت احساس پروگرام سميت ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آھن ته جيئن عورتون خوشحالي ماڻي سگهن عورتن کي هنري سکيا ڏيارڻ حڪومت جو مشن آھي پي ٽي آء ليڊيز ونگ جي تنظيم سازي وارو عمل جلد مڪمل ٿيڻ بعد ملڪ گير ڪنوينشن ڪرايا ويندا ڊاڪٽر نوشين حامد وڌيڪ چيو ته افسوس سان چوڻو پويٿو ته  عمران خان ۽ پي ٽي آء حڪومت خلاف اهي شخص ڳالهائي رهيا آھن جن جا هٿ ۽  پير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ جو ناڻو لٽڻ ۾ ٻڏل آھن پي ٽي آء حڪومت ملڪ جي عورتن کي سندن حق ڏيارڻ ۽ مسئلن جي حل لاء اهم قدم کنيا آھن سنڌ جي عورتن کي به گهرجي ته هو پي ٽي آء حڪومت جا هٿ مظبوط ڪري ملڪ جي ٻاويھ ڪروڙ عوام کي رليف ڏئي ملڪ جو  وقار بلند ڪنداسين۔ان کان اڳ پي ٽي آء مرڪزي صدر ۽ ٻين عهديدارن کي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڀرپور آجيان ڪندي سنڌي روايتن مطابق مان ڏيندي ضلعي سکر ليڊيز ونگ طرفان اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا۔

Read Previous

پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلع نوابشاھ طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جو 53ھون يوم تاسيس پ پ پ شھيد ڀٽو ھائوس نوابشاھ ۾ ملايو ويو

Read Next

لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان گهرو اڻبڻت تان مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

Most Popular