لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان گهرو اڻبڻت تان مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو(بيورو چيف ) لاڙڪاڻي شهر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان گهرو اڻبڻت تان مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب مارڪيٽ ٿاڻي جي حد غريب مقام پاڙي جي رهواسي نوجوان وقار پٽ شمس الدين جانوري گهر اندر پنهنجي مٿان پسٽل جو فائر ڪري مبينا خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي سندس وارثن کڻائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ايمرجنسي واري وارڊ ۾ داخل ڪرايو، جتي نوجوان علاج دوران فوت ٿي ويو. ان موقعي تي مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن صحافين کي ٻڌايو ته وقار جانوري گهر اندر پنهنجي مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسان زخمي حالت ۾ کڻائي علاج لاءِ اسپتال آندوسين، پر هو بچي نه سگهيو آهي. هنن چيو ته خبر نه آهي ته نوجوان اهڙو قدم ڇا لاءِ کنيو آهي. هوڏانهن مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جو لاش اسپتال مان ضروري ڪاروائين بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ قهرام مچي ويو.

Read Previous

پي ڊي ايم هڪ غير فطري الائنس آھي جنهن جو ڪو به مستقبل ناھي پي ڊي ايم پاڪستان کي تباهي طرف ڌڪڻ جي ناڪام ڪوشش پيو: ڊاڪٽر نوشين حامد

Read Next

لاڙڪاڻي ڀرسان تعلقي باقراڻي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 24 سالا نوجوان فوت

Most Popular