ميرپورخاص (بيورو رپورٽ ) سماجي اڳواڻ رفيق دل جي ڏاڏي۽ جي وفات تي فاتحا خواني جو سلسلو جاري آھي ,پ پ اڳواڻ پيرآفتاب شاھ جيلاني , ڊي سي سلامت ميمڻ ۽ ٻين تڏي تي پهچي ڏک ونڊيو ,,, خبر موجب ,,,ميرپورخاص لڳ ڳوٺ مال فقير دل ۾ سماجي اڳواڻ رفيق دل جي ڏاڏي۽ جي فوت ٿيڻ تي پ پ ڊويزنل صدر پيرآفتاب حسين شاھ جيلاني , ڊي سلامت ميمڻ , پ پ اڳواڻ ڪرن هريرام , رشيد پنهور ۽ ٻين فاتحا ڪري ڏکويل خاندان سان ڏک ونڊيو , ڏک ونڊڻ لا۽ آيلن پير آفتاب حسين شاھ جيلاني , ڊي سي سلامت ميمڻ ۽ ٻين چيو ت بزرگ پنهنجي اولاد ۽ ڳوٺ جي ماڻھن لا۽ ڇور ۽ ڇان۽ هوندا آھن ۽ اسان جي خانداني ريتن ۽ رسمن کي زنده رکي هڪ جا۽ تي پوري خاندان کي گڏ رکندا آھن , ٻڌي ۾ ئي خاندان جي ترقي ٿيندي آھي جيڪا بزرگن جي ڏاهپ سان ئي برقرار رکي سگهجي ٿي