نوشهروفيروز: شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ساٿي سپاف شهيد ڀٽوجي مرڪزي اڳواڻ سينئر نائب صدر شهيد غلام مصطفيٰ مري جي 23هين ورسي ڳوٺ عيسيٰ خان مري ۾ ملهائي وئي

نوشهروفيروز(ڊ ر(شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي  ساٿي سپاف شهيد ڀٽوجي مرڪزي اڳواڻ سينئر نائب صدر شهيد غلام مصطفيٰ مري جي 23هين ورسي ڳوٺ عيسيٰ خان مري ۾ ملهائي وئي. ورسي کي خطاب ڪندي پ پ شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر نذير سولنگي، صالح چانڊيو، لکانو ڏاهري، شهيد جي ڀاءُ غلام مجتبيٰ مري، محمد موسيٰ چنه، ڪريم سوهو، عرض محمد مري ۽ ٻين چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽي جا سپاهي اڄ به حق ۽ سچ جي راهه تي هلي رهيا آهن مير جي شهادت کان پوءِ جن ماڻهن سمجهيو هو ته پ پ شهيد ڀٽو ختم ٿي وئي آهي اها انهن جي ڀل هئي. پ پ شهيد ڀٽو هن ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ڀلي اسٽيبلشمينٽ ان جي اڳيان ڪيتريون به ديوارون کڙيون ڪري پر اسان چيئرمين غنويٰ ڀٽو ۽ فاطمه ڀٽو جي قيادت ۾ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڏنل واٽ تي هلندي هن ملڪ ۾ انقلاب آڻينداسين. هنن چيو ته شهيد غلام مصطفيٰ مري شاگردن جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي کيس ان جي ڪري ئي شهيد ڪيو ويو پر هو اڄ به پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن لاءِ هيرو بڻيل آهي. کيس هن وقت تائين پ پ شهيد ڀٽي جي ڪارڪن ۽ پنهنجن وارثن ناهي وساريو اهو ئي سبب آهي جو اڄ به سندس مزار تي هزارين ڪارڪن گڏ ٿي کيس سلام پيش ڪري رهيا آهن. تقريب کان پهرين آيل قيادت سوين ڪارڪنن سان گڏجي شهيد غلام مصطفيٰ مري جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري.

Read Previous

ميرپورخاص : پ پ اڳواڻ پيرآفتاب شاھ جيلاني , ڊي سي سلامت ميمڻ ۽ ٻين تڏي تي پهچي ڏک ونڊيو

Read Next

نوشهروفيروز: عرب ڪالوني جي رهواسين پاران پلاٽ تي قبضي ۽ وڪيل جي زيادتين خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

Most Popular