سنڌ ڌرتي سان محبت ۽ ثقافتي ڏهاڙي 6 ڊسمبر کي ملهائڻ جي سلسلي ۾ پ ٽ الف سجاول جي ميزباني ھيٺ سگهڙ ڪچهري ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل، ثقافتي تقريب جي پروگرام

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول  پريس ڪلب ۾ سنڌ ڌرتي سان محبت ۽ ثقافتي ڏهاڙي 6 ڊسمبر کي ملهائڻ جي سلسلي ۾ سجاول  پريس ڪلب ۾ پ ٽ الف سجاول جي ميزباني ھيٺ  سگهڙ ڪچهري ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل ٿي.ثقافتي تقريب جي پروگرام  ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جي سگهڙن بيتن ذريعي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي راڳين  سنڌڙي تي سر ڪير نہ ڏيندو ٖ سنڌ منهنجي امان ۽ ٻيا قومي  گيت ڳائي تقريب ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو تقريب ۾ صحافتي سياسي ۽ سماجي ڌرين شرڪت ڪئي جنھن ۾ پ ٽ الف جي تعلقي اڳواڻ موسي لغاري،عمر ميمڻ،لطف الله،سرويچ اڪيڊمي جي چئرمين سورج سجاولي،ھنڌو پنچائت جي ماڌوداس،نجيب سرويچ،سميت ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته مهمانن کي تحفي ۾ اجرڪ اوڍايا  ويا محفل ۾ شرڪت ڪندڙ ٻڌايو ته 6ڊسمبر ايڪتا جو ڏينهن آھي جنهن کي سموري سنڌ عيد جي ڏهاڙي طور ملهائيندو.

Read Previous

ڪنڌڪوٽ : يوسي دولتپور جو واسي نوجوان شوڪت بلوچ ننڍپڻ ۾ پوليو ٿيڻ ڪري معزوري جي باوجود محنت ۽ ھمت سان پنھنجي تعليم جاري رکي ايم اي پاس ڪئي

Read Next

ميرپورخاص : پ پ اڳواڻ پيرآفتاب شاھ جيلاني , ڊي سي سلامت ميمڻ ۽ ٻين تڏي تي پهچي ڏک ونڊيو

Most Popular