سڪرنڊ : بهتري ڪميٽيء جو مقصد تعلقي اسپتال سڪرنڊ کي بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ آهي ، جنهن سان عوام کي تمام گهڻو فائدو ملي سگهي

.سڪرنڊ ( رپورٽ اڪبرملاح) بهتري ڪميٽيء جو مقصد تعلقي اسپتال سڪرنڊ کي بهتريءَ ڏانهن وٺي وڃڻ آهي ، جنهن سان عوام کي تمام گهڻو فائدو ملي سگهي ۽ ٻاهريون پريشر گهٽجي سگهي . اها ڳالھ اسپتال بهتري ڪميٽي جو چيئرمين ۽ سڪرنڊ پريس ڪلب جو صدر محمد صديق  منگيو تعلقه اسپتال سڪرنڊ جي ڊاڪٽر سرجن قمر رضا بروهي ۽ ڊاڪٽر ريحانه جي مان ۾ سندن ڪيل خدمتن عيوض اسپتال بهتري ڪميٽي پاران منعقد ڪيل  مڃتا تقريب ۾ ڪري رهيو هو .  ھن چيو ته جيڪي گورنمينٽ ملازم پنهنجي پگهار آهر ڊيوٽي ٽائيم کان وڌيڪ ڪم ڪن ٿا ، اهو عبادت ۾ شمار آهي . ڊاڪٽر قمر رضا بروهي ، ايم ايس  ڊاڪٽر نصير احمد ميمڻ ، ڊاڪٽر ريحانه ، ڊاڪٽر مسرت ۽ IHS مئنيجر نثار احمد ڳالهائيندي چيو ته اسان تعلقه اسپتال ۾ مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون ڏئي رهيا آهيون ، اسانجو ٽراما سينٽر ۽ OT ڏينهن رات ڪم رهيا آهن . هنن چيو ته اسان آڪٽوبر مهيني ۾ 90 ۽ نومبر مهيني 78 ڪامياب سيزر ڪري ماءُ ۽ ٻار جي حفاظت ڪئي آهي . اسان جي اها ڪوشش آهي ته اسپتال ۾ ايندڙ سڀني مريضن کي رليف ملي سگهي . هنن چيو ته ڪورونا جي وبا سبب سنڌ ۾ ڪافي او ٽي بند رکيا ويا پر تعلقه اسپتال سڪرنڊ جو او ٽي پنهنجو ڪم ڪندو رهيو ۽ سوَن جي تعداد ۾ ڊليوريون ڪيون ويون . هنن چيو ته اسان  سمجهون ٿا ته IHS دوائون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي آهي ، جنهن جو سبب فنڊن جي کوٽ آهي . ان سبب ڪري ٻن مهينن کان ڊاڪٽرن کي پگهارون به ادا نه ڪري سگهيا آهيون پر پوء به انساني حياتين جي بچاءَ لاء ڪوششون ڪري رهيا آهيون . ان موقعي تي اسپتال بهتري ڪميٽيءَ جي ميمبرن خير محمد چنا ، رضا محمد چانڊيو ، علي شير انڙ ، غلام نبي چوھاڻ ، هيومن رائيٽس اڳواڻ  حاجي رفيق خانزاده ، شھري اتحاد جي صدر محمد مراد خانزاده ، شمشاد ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو . تقريب ۾ ڊاڪٽر منصور قريشي ، ڊاڪٽر آغا اقبال ، ڊاڪٽر مظهر ، ڊاڪٽر ، غلام مصطفٰى لغاري ، LHV نوشابا ، ليڊي هيلٿ ورڪر صغرٰى سولنگي ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي نور احمد پاهي ، شڪيل مگسي ، علي حسن انڙ ، غلام سرور خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي . ان کان اڳ اسپتال بهتري ڪميٽيءَ ۽ شھرين پاران ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف کي اجرڪن ۽ گلن جا تحفا ڏنا ويا .

Read Previous

ڪورونا واري موجوده صورتحال ۾ سماجي تنظيمن پاران عوام جي ڀلائي وارا ڪم ڪرڻ هڪ بهتر قدم آهي : احمد علي قريشي

Read Next

نوشھرو فيروز : شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي ناحق خون سان انصاف لاءِ قلم ڌڻين پاران ايس ايس پي آفيس جو گهيراءُ 4 ڪلاڪ ڌرڻو

Most Popular