لاهور : وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي جاچ مڪمل ڪندي گلوڪارا ميشا شفيع ۽ اداڪارا عفت عمر سميت ٻين کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو.ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم ونگ علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم جي جاچ مڪمل ڪري ورتي، جنهن ۾ ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت ٻين کي ڏوهي قرار ڏيندي انهن خلاف عبوري چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي.ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ لاهور طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل عبوري چالان ۾ چيو ويو آهي ته عدالت جي حڪم تي علي ظفر جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري جاچ ڪئي وئي، جنهن ۾ ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت 8 ڄڻا علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي مهم ۾ ملوث نڪتا.چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن علي ظفر خلاف سوشل ميڊيا تي جنسي هراساني جا الزام هنيا پر جاچ ۾ اهي ڪي شاهديون پيش نه ڪري سگهيا.ايف آءِ اي اپيل ڪئي آهي ته عدالت عبوري چالان تي ڪارروائي شروع ڪري.