پاڪستان جي پريشاني ختم، شاداب خان فِٽ، ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪپتاني ڪندو

لاهور : قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو نائب ڪپتان شاداب خان فٽ ٿي ويو آهي، جيڪو نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڪپتاني ڪندو.ذريعن موجب آل رائونڊر شاداب خان فٽنيس مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هن گذريل ڏينهن ٽريننگ سيشن ۾ ڀرپور پريڪٽس پڻ ڪئي، جنهن دوران هن بيٽنگ، بالنگ توڙي فيلڊنگ ڊرلز ۾ شرڪت ڪري پنهنجي فٽنيس جو ثبوت ڏنو، جنهن کانپوءِ ٽيم انتظاميا به سک جو ساهه کنيو آهي.پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتاني جو تجربو رکندڙ شاداب خان عالمي سطح تي پهريون ڀيرو قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندو، جڏهن ته هيڊ ڪوچ مصباح الحق نائب ڪپتان شاداب خان سان پهرين ميچ لاءِ امڪاني رانديگرن جي حوالي سان مشاورت ڪئي آهي.واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ جمعي تي کيڏي ويندي ۽ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم آڱوٺي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب سيريز کان ٻاهر ٿي چڪو آهي.

Read Previous

هوشيار، 31 ڊسمبر کانپوءِ واٽس ايپ بند ٿي ويندو!

Read Next

علي ظفر خلاف مهم ۾ ميشا شفيع ۽ عفت عمر سميت ٻيا ڏوهي قرار

Most Popular