دادو ( سجاد چانڊيو) دادو جي شهرين جي انڪروچمنٽ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميه پاران ڊسٽرڪٽ انڪروچمنٽ ايس ايڇ او دادو جبران علي جهتيال ۽ پوليس سان گڏ دادوشهرجي اهم ڪاروباري مرڪزن روڊ جن ۾ اسٽيشن روڊ ، سول اسپتال روڊ ، نيوڪ جي روڊن جي ٻنهي پاسن دوڪاندار ، هوٽلن وارن ۽ ٻين ڪاروبار پاران ناجائزحد خلين هٽائڻ جو آپريشن ڪندي جن ۾ ڪاٺ جا سندل ، ريڙها ۽ ڇاپرا جن جي ڪري ٽريفڪ کي اچڻ ۽ وڃڻ ۾ دشواري پيش اچي رهي هئي ايس ايڇ او انڪروچمنٽ دوڪاندارن ۽ هوٽلن وارن جو سامان ٽريڪٽر ٽرالي ۾ کڻائي ڇڏيو۽ دادوشهراندر سول اسپتال روڊ تي قائم ڪاراسٽينڊ کي ختم ڪرائي جيئن اسپتال ۾ ايندڙ ۽ ويندڙ مريضن کي ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ ايمبولينس کي روڊ تي ٽريفڪ جام ٿيڻ وقت ڪومسئلو۽ دشواري پيش نه اچي ان موقعي تي دوڪاندارن ۽ هوٽلن وارن کي ايس ايڇ اوانڪرچمنٽ چيو ته قانون سڀني لاء برابرآهي ان جواحترام ڪرڻ گهرجي شهرين کي روڊ تي اچڻ ۽ وڃڻ لاء ڪابه رڪاواٽ ۽ دشوايون نه پيدا ڪيون وڃن اوهان پنهنجو سامان روڊن تي رکڻ بجاء دوڪانن ۾ رکو ۽ ڪاروبار ڪيو جيڪوقانون تي عمل نه ڪندو ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي