سجاول:ايس ايس پي سجاول الطاف حسين پاران ڪرسمس ڏينھن جي حوالي سان مسيح برادري سان سيڪورٽي جي حوالي سان اجلاس ڪيو ويو

سجاول:(ڊر)ايس ايس پي سجاول الطاف حسين پاران ڪرسمس ڏينھن جي حوالي سان مسيح برادري سان سيڪورٽي جي حوالي سان اجلاس ڪيو ويو.جنھن ۾ مسيح برادري جا ماڻھن شرڪت ڪئي.ايس ايس پي سجاول الطاف حسين چيو ته 25ڊسمبر تي مسيح برادري ڪرسمس ڏينھن تي سجاول ضلعي ۾ سيڪورٽي سخت ڪئي ويندي.ضلعي سجاول جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ ڪئي ويندي.مذھبي ڏيھاري وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھايا ويندا آھن.جن ۾ سيڪورٽي ڏيڻ اسان جو فرض آھي.ھن چيو ته ھن وقت ڪورونا وائرس سبب تمام سرگرميون ايس او پي تي ٿينديون.جنھن تي مسيح برادري جي ماڻھن يقين ڏياريو ته ايس او پي جو بلڪل خيال رکيو ويندو.۽ پوليس سان مڪمل طور تي ساٿ ڏنو ويندو.

Read Previous

سجاول جو درجو رکندڙ شھر سجاول جي تعلقه اسپتال جون ايمبولنسون خراب پيل ھڪ سال گذڙي ويو

Read Next

دادو: انڪروچمنٽ جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميه پاران مختلف دوڪاندار ، هوٽلن وارن ۽ ٻين ڪاروبار پاران ناجائزحد خلين هٽائڻ جو آپريشن ڪندي

Most Popular