لاڳيتو ٽي ايوارڊ کڻڻ تي ياسر اقرا کي شوبز جو وسيم اڪرم چئي ڇڏيو

لاهور: اداڪار ياسر حسين سندس زال اقرا عزيز کي بهترين اداڪاره جو ايوارڊ ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته مونکي توتي فخر آهي. تازو هدايتڪاري جي ميدان ۾ قدم رکندڙ اداڪار ياسر شين فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي زال اقرا عزيز سان تصوير شيئر ڪندي لکيو ته تون بهترين اداڪاره سان گڏ هڪ سٺي دوست ۽ زال به آهين، مونکي توتي فخر آهي. اداڪار ياسر لکيو ته ڪنهن به سطح تي هيٽ ٽرڪ ڪرڻ زبردست ڪاميابي آهي، هن لکيو ته ”بيگم اقرا عزيز“ توکي 2 سالن ۾ 3 ايوارڊ کڻڻ تي مبارڪون هجن، اهڙي هيٽ ٽرڪ ته لينجڊري ڪرڪيٽر وسيم اڪرم به نه ڪئي.

Read Previous

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 62 مريض فوت، سترنهن سئو ٻيانوي نوان ڪيس ظاهر

Read Next

عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي راڪٽ حملو، ڪو جاني نقصان نه ٿيو

Most Popular