عراق ۾ آمريڪي سفارتخاني تي راڪٽ حملو، ڪو جاني نقصان نه ٿيو

بغداد: عراق جي راڄڌاني جي گرين زون ۾ واقع آمريڪي سفارتخاني تي 8 راڪٽ هنيا ويا جنهن ڪري عمارتن ۽ اتي بيٺل گاڏين کي شديد نقصان پهتو. عالمي خابرو اداري موجب بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني تي 8 ڪتيوشا راڪٽس ڪريا، ٽئي راڪيٽ سفارتخاني جي رهائشي ڪمليڪس کي لڳا جنهن سبب عمارت کي ڪافي نقصان پهتو ۽ اتي موجود ڪيترو ئي گاڏيون تباهه ٿي ويون. عراق جي سيڪيورٽي عملدارن ميڊيا کي ٻڌايو ته راڪٽ حملن جي نتيجي ۾ ڪنهن قسم جو ڪو جاني نقصان نه ٿيو، راڪٽ شڪن نظام هڪ راڪٽ کي هوا ۾ ئي ناڪاره بڻائي ڇڏيو، هن واقعي جي ذميواري ڪنهن به گروپ ناهي قبولي.

Read Previous

لاڳيتو ٽي ايوارڊ کڻڻ تي ياسر اقرا کي شوبز جو وسيم اڪرم چئي ڇڏيو

Read Next

پاڪستان نيوزيلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular