لاڙڪاڻو: ڳوٺ مڏا ڏيرا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن طرفان ڏيڍ سال اڳ هٿياربندن هٿان مبينا قتل ٿي ويل چئن ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو چيف دلبر شاهد) تعلقي نصيرآباد جي ڳوٺ مڏا ڏيرا جي رهواسي عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن طرفان ڏيڍ سال اڳ هٿياربندن هٿان مبينا قتل ٿي ويل چئن ڳوٺاڻن جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جتي مظاهرين پاران جوابدارن ۽ ڊي ايس پي نصيرآباد خلاف ڇتي نعريبازي پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن مسمات ذليخان بروهي، روضان خاتون، رابعه خاتون، مسمات زرينه خاتون، بلاول بروهي، محمد عظيم، محمد قاسم، نصير احمد، مهراب بروهي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر محمد اسحاق بروهي ۽ اڪبر بروهي جي چرچ تي جوابدار غلام مصطفيٰ بروهي، گل حسن، عيد محمد بروهي، محمد عمر عرف اسماعيل، عبدالقادر، سعيد بروهي، ثناء الله، جان محمد ۽ نور محمد بروهي 18 مئي 2019ع جي رات جو فائرنگ ڪري اسان جي چئن ڄڻن محمد هاشم بروهي ۽ سندس ٽن پٽن محرم علي بروهي، محمد اسلم ۽ محمد سليم کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن جي حملي ۾ مقتول محمد هاشم جو 8 سالا پٽ فضل محمد عرف بابو بروهي پڻ سخت زخمي ٿي پيو هيو، جڏهن ته جوابدارن اسان جي چئن ڄڻن کي بيگناھ قتل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجا گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا هئا، اهڙي واقعي جو ڪيس اسان حد جي ڏيرا ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرايوسين، پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو. هنن چيو ته ڊي ايس پي نصيرآباد عبدالقادر بروهي جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهن پنهنجي وردي جو ناجائز فائدو وٺندي جوابدارن کي ڳوٺ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آڻي آباد ڪيو آهي ڊي ايس پي نصيرآباد جوابدارن کان اهڙي ڪم لاءِ 30 لک روپيا رشوت وٺي سندن سان معاهدو ڪيو آهي ته توهان آرام سان پنهنجي گهرن ۾ ويهو پوليس اهان خلاف ڪنهن به قسم جي ڪاروائي نه ڪندي، جڏهن ته ڊي ايس پي غلام قادر بروهي جوابدارن سان گڏجي اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ ڪوڙن ڪيسن ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي، جيڪو سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرس سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي ڊي ايس پي نصيرآباد کي فوري طور تي هٽائي اسان جي چئن مقتولن جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏئي اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻو : سماجي تنظيم لاڙڪاڻه گرين اسٽارز جي ٽيم طرفان وڻڪاري آگاهي مهم جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڏتل ابڙو ۾ مچ ڪچهري منعقد

Read Next

نوشهروفيروز : شهيد عزيز ميمڻ جي مک قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو

Most Popular