لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پاران بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بئنر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي رحمت خاتون سومرو، اقصيٰ دايو، افسانه دايو، رحمت خاتون سومرو، عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي ۽ 3 آگسٽ 2018 تي شهر جي ايوب ڪالوني مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ کي کنڀي گم ڪيو ويو، جڏهن ته 23 آگسٽ 2020ع تي لاڙڪاڻي واسي ٻن پورهيت ڀائرن فراز احمد ۽ شيراز سومرو کي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي. جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻو: پ ٽ الف سٽي ۽ تعلقي لاڙڪاڻي جي سڏ تي سوين استادن طرفان هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پرائمري اسڪولن اندر سياسي مداخلت خلاف احتجاجي ريلي

Read Next

سنڌ جي شاگردن کان ورتل ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ وڏو فراڊ ڪيو ويو آھي: مولانا نعيم الله لغاري

Most Popular