سنڌ جي شاگردن کان ورتل ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ وڏو فراڊ ڪيو ويو آھي: مولانا نعيم الله لغاري

سکر(رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ) جمعيت طلبا۽اسلام سنڌجي صوبائي صدر مولانا نعيم الله لغاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي شاگردن کان ورتل ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ وڏو فراڊ ڪيو ويو آھي۽ ٽيسٽ ۾ سيٽ نمبرتي ٻين صوبن جا اميدوارن کي پاس ڄاڻايو ويو آھي ۽ ٽيسٽ پاس ڪندڙ سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان وڏيون ناانصافيون ڪيون ويون آھن اسان اھڙي عمل ۽ ميرٽ جي ٿيندڙ لتاڙ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا،ھن اھڙن خيالن جواظھار،جي يوآ۽سٽي سکر جي پريس ترجمان مفتي اعظم مھر جي رھائش گاھ تي صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو ان موقعي تي جي ٽي آ۽ سکر جو صدراسامه محمود ھاليجوي ،سھيل احمدھاليجوي حق نواز ڪٽبر رضوان احمد سھنڌڙو سميت ٻيااڳواڻ موجود ھئا ھن چيو ته سنڌ جي ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين سان انصاف ڪيو وڃي ھنن چيو ته ميرٽ جي لتاڙ ڪرڻ ۽ سنڌ جي شاگردن ۽ شاگرياڻين جي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ سبب سنڌ صوبي جي ماڻهن ۾ غم ۽ غصي جي لھر ڇانيل آهي اسان متاثر شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏ آھيون ھن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سميت ملڪي ايجنسين کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ ٿيل ناانصافين جو فل فور نوٽيس ورتو وڃي ۽ ٽيسٽ ۾ فيل ڄاڻايل سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پاس ڪري کين سندن حق ڏئي انھن سان انصاف ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ اندر احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Read Previous

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن پاران بئنر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي

Read Next

تعلقه اسپتال بهتري ڪميٽي سڪرنڊ پاران شهرين جي وڏي تعداد سان گڏ اسپتال جي مين گيٽ اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪئمپ قائم ڪئي وئي

Most Popular