لاڙڪاڻي : باڊھ شهر جي رهواسي فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف پنهنجي معصوم پٽ سان گڏجي ڳچي ۾ ماني ٻڌي احتجاج ڪيو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ باڊھ شهر جي رهواسي فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف پنهنجي معصوم پٽ سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان ڳچي ۾ ماني ٻڌي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ نوجوان جاويد احمد ميمڻ پنهنجي پٽ عديل ميمڻ سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته منهنجو والد علي محمد ميمڻ تعلقي ڏوڪري جي رونيو کاتي ۾ ڪوٽوار جي نوڪري ڪندو هيو، جيڪو دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب 14 مئي 1993ع ۾ فوت ٿي ويو، جنهن جي فوتي ڪوٽا تحت نوڪري لاءِ مان لاڳاپيل عملدارن توڙي علائقي جي چونڊيل نمائدن کي ڪيترائي ڀيرا درخواستون ڏنيون آهن، جن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهيان، پر هو مونکي ڪوڙا دلاسا ڏئي هر ڀيري موٽائي ٿا ڇڏين، والد جي فوت ٿيڻ کي 27 سال گذري ويا آهن، پر سندس اولاد ۾ اسان 5 ڀائرن ۽ 8 ڀينرن مان ڪنهن هڪ به اڄ ڏينهن تائين فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ڏني وئي آهي، جيڪا وڏي زيادتين آهي. هن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته والد جي جاءِ تي مونکي ڪوٽا تحت نوڪري ڏئي روزگار سان لڳائي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

Read Previous

نوشهروفيروز : شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تيرهين ورسي جي موقعي تي پيپلز هاري ڪاميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

Read Next

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهرن مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

Most Popular