لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهرن مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهرن مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي ڪالھ به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، افسانه دايو، مسمات رحمت خاتون سومرو، عبدالڪريم ٽڳڙ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته 29 مئي 2017ع تي لاڙڪاڻي شهر جي نظر محلي مان پورهيت درزي انصاف دايو کي، 3 آگسٽ 2018 تي شهر جي ايوب ڪالوني مان پرائمري استاد ڪاشف علي ٽڳڙ ۽ 23 آگسٽ 2020ع تي لاڙڪاڻي واسي ٻن پورهيت ڀائرن فراز احمد ۽ شيراز سومرو کي ڪراچي جي لاسي ۽ وزير ڳوٺن مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، جڏهن ته نوجوانن جي کنڀجڻ کان پوءِ اسان جي گهرن ۾ مايوسي ۽ پريشاني واري صورتحال ڇانيل آهي. هنن چيو ته نوجوانن جي آزادي لاءِ اسان مسلسل احتجاج ڪري اعليٰ اختيارين کي اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر افسوس جو اڄ ڏينهن تائن ڪو تدارڪ ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته اسان جا نوجوان بيڏوهي هوندي به قيد کاٽي رهيا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن وس وارن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي نوجوانن کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ۽ مايوسي ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

لاڙڪاڻي : باڊھ شهر جي رهواسي فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف پنهنجي معصوم پٽ سان گڏجي ڳچي ۾ ماني ٻڌي احتجاج ڪيو

Read Next

مورو : درگاهه پير محمد علي رح جي سجاده نشين ۽ پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل ضلع نوشهرو فيروز جي صدر پير خير محمد صديقي 249 ڏينهن کان مورو پريس ڪلب آڏو انصاف لاء بک هڙتال جاري

Most Popular