نوشهروفيروز : شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تيرهين ورسي جي موقعي تي پيپلز هاري ڪاميٽي جو اجلاس ٿي گذريو

نوشهروفيروز : نوشهروفيروز ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تيرهين ورسي جي موقعي تي پيپلز هاري ڪاميٽي جو اجلاس ضلعي صدر بخشل خان سهتو ۽ نائب صدر محمد بخش چنا ۽ جنرل سيڪريٽري محمد رحيم مشوري جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي اڳواڻن چيو ته شهيد راڻي جي ورسي تي وڌ کان وڌ شرڪت پيپلز هاري ڪاميٽي جا ڪارڪن ڪري شهيدن جي ڏنل قربانين توڙي ڪيل خدمتن تي کين عقيدت جا گل پيش ڪندا هنن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت عوام جو جيئڻ ئي جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ان لاء هاڻي هن حڪومت جو خاتمو ضروري بڻجي ويو آهي ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بلاول ڀٽو زرداري ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهي ٿو ان موقعي تي محمد اسماعيل چنا , صيفل خان ڪنڀر , خان محمد چنا , نورحسن راڄپر , ڊاڪٽر زوهيب مشوري , غلام فريد سولنگي ۽ انور علي مشوري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

Read Previous

لاڙڪاڻي : وليد ٿاڻي جي علائقي ۾ قائم هڪ موبائيل فون جي دڪان اندر گذريل رات نامعلوم چور داخل ٿي دڪان ۾ پيل لکين روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار

Read Next

لاڙڪاڻي : باڊھ شهر جي رهواسي فوتي ڪوٽا تحت نوڪري نه ملڻ خلاف پنهنجي معصوم پٽ سان گڏجي ڳچي ۾ ماني ٻڌي احتجاج ڪيو

Most Popular