ڪنڌرا : دادلي پوليس هٿان بي گناه ڪوڙو جڙتو پوليس مقابلو ڏيکاري بي گناه قتل خلاف لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو

ڪنڌرا ( رپورٽر ) دادلي پوليس هٿان بي گناه ڪوڙو جڙتو پوليس مقابلو ڏيکاري بي گناه قتل ڪيل امداد تنيو جي وارثن پاران ڪنڌرا ۾ پيرعبدالله شاهه وٽ لاش رکي ڪنڌرا کان سکر ويندڙ روڊبلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو انهي دوران وارثن وڪيل ضمير حسين اظهر علي محمد مٺل غوث بخش غلام سرور ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو آهي تہ گذريل ڏينهن اسان بااثر سياسي ماڻهو جي هٿ تي پاڻ امداد تنيو جي ٻانهن ايس ايڇ او ڪنڌرا ذوالفقارڀنڀرو کي ڏني ھئي هن مٿان ٻڪرين چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويوجيڪو ڪتن ذريعي پيرا کڻي اسان جي مٿان ڪوڙو چوريء جو الزام هڻي ڦاسايو پيو وڃي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون هن کي دادلي پوليس حوالي ڪري رات دير سان جڙتو ڪوڙو مقابلوڏيکاري اسان جي همراه کي ماري قتل ڪيو ويو آھي ايس ايس پي سکر اهڙن ڪوڙن ڪيسن جو ماهر آھي هن ڪيترائي بي ماڻھو گرفتار ڪري قتل ڪرايا آھن ياد رهي ته تازو هن مٿان وڪيل اعجازآرائين جي قتل جو ڪيس بہ ثابت ٿيو آھي جيڪو ايماندار آفيسرن ڊي آء جي امجد شيخ سميت ٻين آفيسرن جي انڪوائري بہ سامهون اچي وئي آھي جنهن ۾ ھن کي قتل ۾ ملوث قرار ڏنو ويو آھي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي تہ هن واقعي جي ايماندار ڊي آء جي آفيسر کان انڪوائي ڪرائي ملوث پوليس آفيسرن مٿان ڪيس داخل ڪري اسان جي بي گناه قتل ٿيندڙ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي

Read Previous

مورو : درگاهه پير محمد علي رح جي سجاده نشين ۽ پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل ضلع نوشهرو فيروز جي صدر پير خير محمد صديقي 249 ڏينهن کان مورو پريس ڪلب آڏو انصاف لاء بک هڙتال جاري

Read Next

روس پنهنجي ٽاڪ ٽاڪ ايپ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular