مورو : درگاهه پير محمد علي رح جي سجاده نشين ۽ پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل ضلع نوشهرو فيروز جي صدر پير خير محمد صديقي 249 ڏينهن کان مورو پريس ڪلب آڏو انصاف لاء بک هڙتال جاري

مورو : درگاهه پير محمد علي رح جي سجاده نشين ۽ پاڪستان مشائخ اتحاد ڪائونسل ضلع نوشهرو فيروز جي صدر پير خير محمد صديقي 249 ڏينهن کان مورو پريس ڪلب آڏو انصاف لاء بک هڙتال جاري رکي جنهن ۾ سندس فرزند ۽ مريدن هن احتجاج ۽ بک ھڙتال ۾ شامل رهيا ان موقعي تي پير خير محمد صديقي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته با اثر ماڻهو درگاهه ۽ آس پاس جي زمين تي قبضا ڪري قبرون مسمار ڪري واٽر ڪورس ٺهرائي ڇڏيا آهن پراڻي ڳوٺ جا ڪوڙا ڪاغز ٺهرائي ان تي به قبضا ڪري ويا آهن مان اهڙي شڪايت کڻي مورو ۽ ضلعي انتظاميه ۽ پوليس وٽ ويس پر ڪنهن به انصاف نه ڪيو تدارڪ نه ٿيو جنهن ڪري مان پريس ڪلب آڏو بک ھڙتال تي ويٺس 249 ڏينهن گذري ويا آهن بک هڙتال تي ويٺو آهيان پر اسان جو جائز ۽ قانوني مسئلو حل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن مان هتي بک هڙتال تي ويٺو آهيان تنهن هوندي به مون کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن هن وزير اعظم پاڪستان عمران خان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه گورنر سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي درگاھ جي زمين تان قبضا ختم ڪرايا وڃن با اثر ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي

Read Previous

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهرن مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل چئن نوجوانن جي آزادي لاءِ سندن وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

Read Next

ڪنڌرا : دادلي پوليس هٿان بي گناه ڪوڙو جڙتو پوليس مقابلو ڏيکاري بي گناه قتل خلاف لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو ويو

Most Popular