وزيراعظم ريلوي ڪالونين ۾ بجلي جا ميٽر لڳائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عمران خان

اسلام آباد:  بجلي جي مد ۾ پاڪستان ريلويز کي اربين روپين جو نقصان پهچڻ تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اطهار ڪيو ۽ ريلوي ڪالونين ۾ بجلي جا ميٽر نه هجڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ريلوي واري وزير اعظم سواتي طرفان پيش ڪيل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ريلوي ڪالونين ۾ بجلي ميٽر نه هجڻ سبب ساليانو اڍائي ارب روپين جو نقصان ٿيندو آهي. رپورٽ موجب ريلوي ملازم بجلي استعمال ڪندا رهيا  مالي بار ريلوي تي پوندو رهيو. نقصان واپڊا ۽ ريلوي اختيارين جي ملي ڀڳت سبب ٿيو. وزيراعظم عمران خان رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريلوي ڪالونين ۾ 25 هزار بجلي جا ميٽر هنگامي طور تي لڳائڻ جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته ريلوي رهائشي ڪالونين ۾ بجلي جا ميٽر لڳائڻ جو عمل 4 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم بجلي ميٽر جي معاملي تي ڪوآرڊينيٽر کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.  عمران خان هدايت ڪئي ته ريلوي ڪالونين ۾ اڄ کان ميٽر لڳائڻ شروع ڪيا ويندا.   وزيراعظم چيو ته قومي ناڻو قوم جي امانت آهي امانت سمجهي خرچ ڪنداسين. قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ رعايت جا مستحق نه آهن.

Read Previous

حددخلين جي خاتمي وارو ڪيس: سپريم ڪورٽ پاران وڏي وزير مراد علي شاهه کي هڪ مهيني جي مهلت

Read Next

ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف نيب هٿان گرفتار

Most Popular