سال ٻه هزار ويهه دوران پاڪستان ۾ ٿيندڙ اهم واقعن تي هڪ نظر

اسلام آباد:  سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به 2020 جي مٿي تي ڪورونا وائرس لکيل آهي. موذي وبا کان علاوه پاڪستان ۾ ٿيندڙ اهم واقعن تي نظر وجهون ٿا.  سال 2020 ۾ ماڪڙ پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ فصلن کي بچائڻ جي لاءِ پهرين فيبروري تي نيشنل ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. نو کان سورنهن فيبروري تائين لاهور ۾ ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏي وئي. پهريون ڀيرو پي ايس ايل جو ميلو پاڪستان ۾ سجايو ويو. پي ايس ايل فائيو 20 فيبروري تي شروع ٿيو جنهن کي ڪورونا سبب ملتوي ڪرڻو پيو.  پي ايس ايل فائيو جو فائنل سترنهن نومبر تي ڪراچي ۾ کيڏيو ويو. 26 فيبروري تي ڪراچي ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس رپورٽ ٿيو. 23 مارچ تي سنڌ حڪومت ٻن هفتن جي لاءِ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو. پهرين اپريل تائين سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو هو جنهن ۾ ٻن  هفتن جي واڌ به ڪئي وئي. 22 مئي تي ڪراچي ۾ پي آءِ اي جو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.  خوفناڪ حادثي ۾ 98 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا. 29 جون تي ڪراچي ۾ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ٿيو جنهن ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا هئا جڏهن ته چار حملي آور به مارجي ويا. 30 جون تي سرجن جنرل نگار جوهر پاڪ فوج جو پهريون ليفٽيننٽ جنرل بڻيو. پهرين جولاءِ تي مشهور ترين آن لائن گيم پب جي کي عارضي طور تي بند ڪرڻو پيو. 20 سيپٽمبر تي اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي بنياد رکي وئي.  جڏهن ته اعتراض جوڳي مواد سبب ٽڪ ٽاڪ کي وقتي طور تي بند ڪيو ويو. سال 2020 دوران پاڪستان ۾ چار گرهڻ لڳا. 10 جنوري 2020 تي پهريون چنڊ گرهڻ لڳو. هن سال چاليهن ساليهن کان پوءِ ڪا پاڪستاني فلم چين جي وڏي اسڪرينن تي نمودار ٿي. مومنه اينڊ دوريد پروڊڪشن جي(پرواز هي جنون) تيرنهن نومبر تي سڄي پاڪستان ۾ رليز ڪئي وئي.

Read Previous

نوابشاهه : فوزيه رسول جيڪي ڊي ايچ او يار علي جمالي تي حراسمينٽ جا الزام لڳايا آھن

Read Next

بجلي ۽ پيٽرول کان پوءِ ايل پي جي اگهن ۾ پندرنهن روپيه في ڪلو واڌ

Most Popular