21 جنوري تي ڪراچي ۾ فلسطيني مسلمانن سان اظهار يڪجهتي لاء ملين مارچ ٿيندي

مٽياري رپورٽ21 جنوري تي ڪراچي ۾ فلسطيني مسلمانن سان اظهار يڪجهتي لاء ملين مارچ ٿيندي,
فلسطين انبياء ڪرام جي مقدس زمين ۽ امت مسلمه جي عقيدتن جي جاء آهي,قبله اول جي تحفظ لاء تحريڪ جاري رهندي,ملين مارچ ۾ قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان خصوصي خطاب ڪندو(مولانا اعظم جهانگيري)تفصيل موجب جمعيت علماء اسلام جي اڳواڻ مولانا اعظم جهانگيري مٽياري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت
21 جنوري تي ڪراچي ۾ جمعيت علماء اسلام سنڌ پاران ٿيندڙ اسرائيل مرده باد ملين مارچ تاريخي ٿيندي, بيت المقدس جي آزاديء تائين تحريڪ جاري رهندي, هن چيو ته فلسطين جي مسلمانن سان ظلم ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪنداسين,هن چيو ته بنا ڪنهن پارٽي ۽ بنا ڪنهن نسل جي سمورن مسلمانن کي ڪراچيء ۾ ٿيندڙ اسرائيل مرده باد ميلن مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن, ڪراچي ۾ ٿيندڙ تاريخي ملين مارچ ۾ قائد جمعيت مولانا فضل الرحمان سميت سياسي اڳواڻ خطاب ڪندا, ان موقئي تي مولانا اسحاق شيراني, حافظ عبدالقيوم ميمڻ موجود هئا

Read Previous

سجاول ضلعي جي اسڪولن جي عمارت ۾ تبديلي نه اچي سگھي

Read Next

ڪوٽڏيجي : ھزارہ واقعي خلاف ڪوٽڏيجي ۾ بہ واقعي ۾ ملوث احتجاجي مظاھر

Most Popular