سجاول ضلعي جي اسڪولن جي عمارت ۾ تبديلي نه اچي سگھي

سجاول:(رپوٽ:عتيق الرحمان کتري)سجاول ضلعي جي اسڪولن جي عمارت ۾ تبديلي نه اچي سگھي.اسڪولون کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويون.ٻارڙن جو مستقبل تباه ٿيڻ جو خدشو چونڊيل نمائنده ۽ تعليم کاتي جو وزير ننڊ پيل خبرموجب:ضلعي سجاول جي ڳوٺ حاجي صالح ملاح جي پرائمري اسڪول جي امارت کنڊرات ۾ تبديل ٿي وئي.اسڪولن جي امارت کنڊرات ۾ ٿبديل ٿيڻ ڪري اسڪول ڪيتري عرصي کان بند ٿي ويو آھي.سجاول ضلعي جا ڪيترائي اسڪول کنڊرات ۾ تبديل ھجڻ ڪري ٻارڙا تعليم کان محروم ٿي ويا آھن.اتي ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته ھڪ سازش جي تحت اسڪولن کي کنڊرات ۾ تبديل ڪيو ويو آھي.ڪيترن ئي ڳوٺن جي اسڪولن کي تالا لڳي چڪا آھن.ھتي جا وڏيرا نٿا چاھين ته غريب جو ٻار تعليم وٺي تعليم حاصل ڪري وٺندو ته پنھنجي حقن جي ڳاله ڪندو ھنن وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو آغي ته سجاول ضلعي جي اسڪولن جي سار لڌي وڃي ڪيترن ئي اسڪولن کي تالا لڳي چڪا آھن.۽ ڪيترائي اسڪول کنڊرات ۾ تبديل ٿي ويا آھن انھن اسڪولن جي سار لڌي وڃي انھن اسڪولن جي مرمت ڪرائي وڃي ته جئين غريب جو ٻار تعليم حاصل ڪري سگھي.

Read Previous

مچ سانحي : وزير اعظم اچڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان

Read Next

21 جنوري تي ڪراچي ۾ فلسطيني مسلمانن سان اظهار يڪجهتي لاء ملين مارچ ٿيندي

Most Popular