ڪوٽڏيجي : ھزارہ واقعي خلاف ڪوٽڏيجي ۾ بہ واقعي ۾ ملوث احتجاجي مظاھر

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ مٺل گوپانگ ) ھزارہ واقعي خلاف پوري ملڪ جيان ڪوٽڏيجي ۾ بہ واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽ انھن جي پشت پناھي ڪندڙن خلاف شيعان حيدرڪرار ڪوٽڏيجي ۽ تنظيم محبان عباس ڪوٽڏيجي پاران پريس ڪلب ڪوٽڏيجي آڏو احتجاجي مظاھري ۽ ڌرڻي بعد ڪيمپ لڳائي وئي جنھن ۾ شيعا اڳواڻ مير احسان علي ٽالپر سيد افضل حسين شاھ غلام علي خان راجپر مولوي نظير حسين شاھ مولانا غلام اصغر ھاليپوٽو مولوي ممتاز علي خاصخيلي ذاڪر اھلبيت امداد حسين عاصي محمد مٺل لھراڻي نبي بخش سومرو مجاھد حسين جماني ضمير حسين رڏ گدا حسين حاجاڻو استاد شاھ بخش سونيو نواز علي لنڊ اسد عباس سولنگي سيد امام علي شاھ منير ناشاد شاھد حسين سومرو حسن رضا ڀنڀرو آفتاب لاشاري بھادر علي لنڊ جاويد علي ڪانڌڙو امان اللہ بگٽي فضل محمد بگٽي معشوق علي لنجواڻي عرفان علي خاصخيلي برڪت علي بگٽي ۽ ان کان علاوہ اھلسنت سان تعلق رکندڙ شھرين بہ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تہ شرڪت ڪندڙن سڀني معززين ۽ شھرين بلوچستان حڪومت جي نا اھلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ سندس استيفىٰ جو مطالبو ڪيو ويو ھنن چيو تہ ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت ڪوئٽا ۽ ٻين علائقن ۾ شيعا فرقي سان تعلق رکندڙ ھزارہ برادري کي دھشتگردي جو نشانو بڻائي رھيا آھن ۽ تازو ڪوئٽا ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پورھيو ڪندڙ ھزارہ برادري جي ماڻھن کي اغوا ڪيو ويو ۽ 11 شيعا پورھيتن کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪيترائي پورھيت اڃان تائين غائب آھن پر افسوس ته بلوچستان توڙي وفاقي سرڪار دھشتگردن کي گرفتار نہ ڪيو آھي ۽ شھيد پورھيتن جا لاشا اڃان تائين روڊن تي انصاف جا منتظر آھن ھنن چيو تہ اسان اھڙي گھٽيا عمل خلاف خاموش ٿي نہ ويھنداسين ۽قيادت جي حڪم تي ھزارہ برادري جي تحفظ ۽حمايت لاء ڪوئٽه پھچنداسين ۽ پو شايد حڪومت کي ھوش اچي وڃي

Read Previous

21 جنوري تي ڪراچي ۾ فلسطيني مسلمانن سان اظهار يڪجهتي لاء ملين مارچ ٿيندي

Read Next

پاڪستان جون نئين چونڊيل آمريڪي صدر کي مبارڪون

Most Popular