فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسان کي ڦاسائڻ وارا پاڻ ڦاسي چڪا آهن: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس ۾ اسان کي ڦاسائڻ وارا پاڻ ڦاسي چڪا آهن.

اليڪشن ڪميشن ۾ اسان جو موقف صحيح ثابت ٿيو آهي. رپورٽ موجب حڪومتي اڳواڻن جي اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان براڊ شيٽ معاملي تي شفاف ۽ منصفاڻي جاچ ڪرائڻ چاهيون ٿا. اپوزيشن جي خوش فهمي آهي ته هو پروپيگنڊه ڪري حقيقتون لڪائيندا قومي ناڻي کي نقصان پهچائيندڙ هر ڪردار کي سامهون آنينداسين.

هن جو چوڻ هو ته حيرت آهي ته قبضه ڇڏائڻ کي به سياسي انتقام قرار ڏنو پيو وڃي. سرڪاري زمينن تي قبضا ڪندڙن کي(ن) ليگ جي سرپرستي حاصل رهي. سياسي پٺڀرائي کان سواءِ ڪوبه سرڪاري زمين تي قبضو نٿو ڪري سگهي.

Read Previous

پي ڊي ايم کي عوام رد ڪري ڇڏيو: شبلي فراز

Read Next

وڏي وزير جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس، نيشنل ايڪشن پلان تي غور

Most Popular