اليڪشن ڪميشن آئين کان نه ڪنهن ٻئي کان هدايتون وٺي رهيو آهي: جسٽس فائزعيسيٰ

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته  لڳي ٿو ته جمهوريت هاڻ ترجيح ئي ناهي رهي.

سپريم ڪورٽ ۾ بلدياتي چونڊن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت بلدياتي چونڊون نه ڪرائڻ جي معاملي تي اٽارني جنرل، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کي فوري طور تي طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته بلدياتي چونڊون ڇو نه پيون ڪرايون وڃن. عوام کي جمهوريت کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي.

بلدياتي چونڊون نه ڪرائي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن پنهنجو حلف ناهي ڏٺو ڇا چيف اليڪشن ڪمشنر آئين ناهي پڙهيو. اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ اٽارني جنرل جيڪڏهن وزيراعظم سان گڏ آهي ته اهو کيس ٻڌائي ته آئين وڌيڪ اهم آهي. جنهن کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪيو ويو ان دوران اٽارني جنرل خالد جاويد، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر سپريم ڪورٽ پهچي ويا. جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته لڳي ٿو ته جمهوريت هاڻ ترجيح ناهي رهي.

Read Previous

آمريڪا ۾ وڏي دهشتگردي جو خطرو، هاءِ الرٽ جاري

Read Next

ڊينئل پرل ڪيس: سنڌ حڪومت جون اپيلون رد، عمر شيخ کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم

Most Popular