ٻڌو هو ته همايون سعيد عاشق مزاج ماڻهو آهي: ماهره خان

اداڪاره ماهره خان انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هوءَ ساڻس ڊرامي”نيت“ ۾ همايون سعيد سان گڏ ڪم پئي ڪيو ته مٿس واضح ڪيم ته آئون اهو ڪجهه نه ڪنديس جيڪو هو چاهي ٿو.

ٽي وي جي هڪ شو ۾ همايون سعيد ۽ ماهره خان گڏ شريڪ ٿيا، ماهره خان ميزبان جي سوال تي ٻڌايو ته جڏهن 2011 ۾ همايون سعيد سان گڏ پهريون رومانوي سيريل ”نيت“ جي شوٽنگ لاءِ آمريڪا ۾ موجود هئي ته هن همايون سعيد تي واضح ڪري ڇڏيو ته هوءَ ساڻس ڪجهه به نه ڪندي.

ماهره خان وضاحت ڪئي ته ”نيت“ همايون سعيد سان پهريون ڊرامو هو ۽ هن اداڪار بابت ٻڌو هو ته هو عاشق مزاج ماڻهو آهي.

Read Previous

پي ايس ايل ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع

Read Next

سنڌ جي عوام بلاول ڀٽو جي ويزن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي: سيد ناصر حسين شاهه

Most Popular