پي ايس ايل ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع

پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي ڇهين ايڊيشن لاءِ ٽڪيٽن جو آن لائن وڪرو شروع ٿي ويو آهي.

پي ايس ايل جي شروع ٿيڻ ۾ باقي ٽي ڏينهن بچيا آهن ۽ ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم کي ميچز لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

پي سي بي ڪورونا وائرس سبب هن سال 20 سيڪڙو شوقينن کي گرائونڊ ۾ ميچ ڏسڻ جي اجازت ڏني آهي، اسٽيڊيم ۾ 34 هزار ماڻهن لاءِ ويهڻ جي گنجائش آهي پر ڪورونا جي ڪري صرف ساڍا ست هزار ماڻهن کي اجازت هوندي.

Read Previous

ڪي اليڪٽرڪ بجلي هڪ روپيو چوويهه پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون

Read Next

ٻڌو هو ته همايون سعيد عاشق مزاج ماڻهو آهي: ماهره خان

Most Popular