وزيراعظم عمران خان دعويٰ ڪئي آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ اڪٿريت سان ڪامياب ٿينداسين.
ڪابينه اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وزيرن کي چيو ته هو قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سان رابطن ۾ رهن هن چونڊ ۾ پئسو نه هلندو وزيراعظم چيو ته سينيت چونڊن ۾ ٽڪيٽ ميرٽ تي ڏنا. ڪارڪنن جو احترام ڪريون ٿا.
هن چيو ته اوپن بيلٽ جي مخالفت ڪندڙ اليڪشن کان پوءِ روئيندا. اوپن بيلٽ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي انتظار ۾ آهيون. سپريم ڪورٽ جيڪو حڪم ڏئي اسان ان جو احترام ڪنداسين