محمد علي سد پاره جي پٽ والد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

مشهور جبل چاڙهو محمد علي سدپاره جي پٽ ساجد سدپاره پنهنجي والد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

اسڪردو ۾ سياحت واري صوبائي وزير راجا ناصر علي خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪ جي مشهور ۽ عالمي شهرت ماڻيندڙ جبل چاڙهو محمد علي سدپاره جي پٽ ساجد سدپاره پنهنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته علي سدپاره پنهنجي ٻن پرڏيهي ساٿين سان گڏ ڪي ٽو جي چوٽي سر ڪرڻ دوران گم ٿي ويا هئا. هن چيو ته مون کي ۽ ڪيترن ئي عالمي جبل چاڙهن کي يقين آهي ته انهن کي ڪي ٽو سر ڪرڻ کان پوءِ واپسي تي حادثو پيش آيو آهي جنهن بلندي تي حادثو ٿيو هو اتي ڪجهه ڪلاڪن کان وڌيڪ زنده رهڻ ناممڪن آهي.

ساجد سدپاره چيو ته منهنجو خاندان انتهائي شفيق پيءُ کان، پاڪستاني قوم سائي جهنڊي سان جنون جي حد تائين محبت ڪندڙ محب وطن قومي هيرو ۽ دنيا جو هڪ بهادر ۽ باصلاحيت جبل چاڙهو کان محروم ٿي وئي آهي. ڏک ۽ غم جي هن گهڙي ۾ اسان سڀ هڪ ٻئي جي لاءِ سهارو بڻجنداسين ۽ مان والد جي مشن کي جاري رکندس ۽ ان جا اڌورا خواب پورا ڪندس. علي سدپاره جي پٽ چيو ته  پاڪستاني قوم جي محبت منهنجي خاندان جي لاءِ انتهائي حوصلي ۽ همت جو سبب بڻي.

Read Previous

ڀارت ۾ بس ڍنڍ ۾ ڪِري پئي، 37 ڄڻا فوت

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملو: معاملو ختم ڪرڻو آهي ته حملو ڪندڙ وڪيلن جا نالا ڏيو: عدالت

Most Popular