اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملو: معاملو ختم ڪرڻو آهي ته حملو ڪندڙ وڪيلن جا نالا ڏيو: عدالت

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  وڪيلن کان عدالت تي حملو ڪندڙ وڪيلن جا نالا گهري ورتا آهن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق هاءِ ڪورٽ تي حملي ڪيس ۾ 26 وڪيلن جي خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن دوران وڪيلن ڪچهري آپريشن ڪندڙن جي خلاف جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر حسيب چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي وڪيلن عدالت ۾ چيو ته اسان جي تذليل ڪئي پئي وڃي. ائين ڪڏهن مارشل لا واري دور ۾ به ناهي ٿيو. اسان کي عدالت ڏانهن ايندي ٻاهر گيٽ تي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ان تي جسٽس عامر فاروق چيو ته وڪيل تنظيمون پاڻ ذميوار کي ڳولين ته ٻيا وڪيل پريشان نه ٿين هي معاملو ڪاري ڪوٽ پائيندڙ وڪيلن ۽ اسان ججن جي لاءِ الميو آهي. معاملو ختم ڪرڻو آهي ته اوهان پاڻ ان وڪيلن جا نالا ڏيو جنهن حملو ڪيو. معزز جج چيو ته جنهن ڀڃ ڊاهه ڪئي مهرباني ڪري ان پنج ست وڪيلن جا نالا اسان کي ڏيو جيتري مون کي ڄاڻ آهي ڪجهه سي سي ٽي وي  ڪيمرا ان ڏينهن صحيح نه هئا.

Read Previous

محمد علي سد پاره جي پٽ والد جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

Read Next

اليڪشن ڪميشن حليم عادل شيخ جي پروڊڪشن آرڊر واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular