پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سعيد چيو آهي ته فاروق ايڇ نائيڪ ۽ مون سينيٽ جي سيڪريٽري کان مهر هڻڻ جي باري ۾ پڇيو ته سيڪريٽري ٻڌايو ته نالي جي مٿان مهر به ٺيڪ آهي.
پنهنجي رد عمل ۾ سعيد غني چيو ته شيري رحمان به پولنگ جي دوران سينيٽ جي سيڪريٽري کان پڇيو، سينيٽ جي سيڪريٽري شيري رحمان کي چيو ته نالي تي مهر ٺيڪ آهي.
سعيد غني جو چوڻ هو ته سينيٽ جي سيڪريٽري چيو ٺيڪ آهي ۽ پريذائيڊنگ آفيسر چيو ته رد ٿا ڪيون.