مصر ۾ ڪپڙي جي فيڪٽري کي باهه، ويهه فوت، چوويهه زخمي

پرڏيهي خابرو اداري موجب مصر جي راڄڌاني قاهره ۾ ڪپڙي جي فيڪٽر کي باهه لڳي جنهن سبب 20 ڄڻا فوت جڏهن ته 24 زخمي ٿي پيا.

واقعي کانپوءِ فائر بريگيڊ موقعي تي پهچي فوري طور باهه وسائي ۽ ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي اسپتال پهچايو.

قاهره ۾ قائم ڪپڙي جي فيڪٽري کي باهه لڳڻ سبب دوهين جا بادل ڇانئجي ويا، 4 منزلن جي عمارت ۾ باهه لڳڻ جي سببن جي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي پر حڪومت ان جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

Read Previous

سينيٽ سيڪريٽري مون کي ۽ فاروق ايڇ نائيڪ کي ٻڌايو ته نالي مٿان مهر به ٺيڪ آهي: سعيد غني

Read Next

ڪورونا وائرس سبب پنجاب جي سمورن راند جي ميدانن کي بند ڪرڻ جو حڪم

Most Popular