سوشل ميڊيا تي اداڪاره نائله جعفري جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هوءَ مالي مدد جو مطالبو ڪري رهي آهي.
نائله جعفري جو چوڻ آهي گذريل 6 سالن کان ڪينسر جي مرض سان جهيڙي رهي آهيان جڏهن ٻي ڪيموٿراپي به نه ٿي آهي.
هن چيو ته مونکي انفيڪشن سبب اسپتام ۾ داخل ڪيو ويو هو ته پهريان انفيڪشن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ۽ هڪ ٻي ڳالهه جيڪا آئون ان دوران سوچيندي آهيان اها هيءَ ته اسان جي حڪومتي پاليسي سازن کي فن ۽ آرٽ سان لاڳاپيل مانهن بابت سوچڻ گهرجي.