افغان صدر اقتدار جي منتقلي لاءِ ٽن مرحلن تي ٻڌل منصوبو تيار ڪري ورتو

افغانستان جي صدر اشرف غني ملڪ ۾ نئين سياسي حڪومت جي قيام ۽ پائيدار امن جي لاءِ 3 مرحلن تي ٻڌل پيس روڊ ميپ تيار ڪري ورتو آهي جنهن کي هو ترڪي ۾ ٿيندڙ هڪ اهم اجلاس ۾ پيش ڪندو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪا هن مهيني گڏيل قومن جي مدد سان ترڪي ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن ۾ افغانستان سان پرڏيهي فوجين جي انخلا، پائيدار امن ۽ نئين سياسي حڪومت جي قيام تي غور ڪيو پيو وڃي. افغان صدر اشرف غني هن ڪانفرنس ۾ ٽن مرحلن تي ٻڌل هڪ امن منصوبو پيش ڪندو.

Read Previous

ڪينسر ۾ مبتلا اداڪاره نائله جعفري پاران مالي مدد جي اپيل

Read Next

فخر زمان جي رن آئوٽ تي ڊي ڪوڪ ڏنڊ لڳڻ کان بچي ويو

Most Popular