وزيراعظم حڪومتي ترجمانن کي پي ڊي ايم بابت ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو

عمران خان

وزيراعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي پي ڊي ايم بابت ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده ملڪي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.

ذريعن موجب وزيراعظم ترجمانن کي پي ڊي ايم بابت ڳالهائڻ کان روڪيندي هدايت ڪئي ته اپوزيشن جي بيانن تي جواب ڏيڻ بدران حڪومتي ڪارڪردگي اجاڳر ڪئي وڃي، شوگر مافيا خلاف پهريون ڀيرو گڏيل ايڪشن ٿي رهيو آهي، سٽي بازن خلاف سخت ايڪشن ورتو پيو وڃي، رمضان ۾ عوام کي کنڊ سستي ملندي.

Read Previous

”پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان ايندڙ مسافرن کي روڪيو وڃي“

Read Next

ڪينسر ۾ مبتلا اداڪاره نائله جعفري پاران مالي مدد جي اپيل

Most Popular