سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ 22 اپريل کان عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو.
سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني تعليمي ادارن بابت وفاق جي اعلان کان پوءِ چيو ته سنڌ جي تعليم کاتي اڳ ئي اعلان ڪيو هو ته پهرين کان اٺين ڪلاس تائين عملي طور تي تعليمي عمل معطل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته 22 اپريل کان سڄي سنڌ ۾ عملي طور تي تعليمي عمل بحال ٿيندو پر جيڪڏهن الله نه ڪري صوي جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ ٿئي ٿي ته اتي جي ضلعي انتظاميه ان ضلعي جي حوالي سان فيصلو ڪري سگهندي.