قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپننگ بيٽسمين فخر زمان ڏکڻ آفريقا خلاف شاندار ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رکندي وڌيڪ ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا.
30 ورهين جي کاٻڙي بيٽسمين سنچورين ۾ 101 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن سان گڏ هو پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي 50 اننگز ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو، ان فهرست ۾ هن ظهير عباس کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.
فخر زمان پنهنجي ون ڊي ڪيريئر جي 50هين اننگز ۾ مجموعي طور رنسن جو انگ 2 هزار 262 تي پهچائي ڇڏيو ۽ دنيا جي بيٽسمينن ۾ رڳو ڏکڻ آفريقا جو هاشم آملا ئي فخر زمان کان اڳتي آهي، جنهن 50 اننگز ۾ 2 هزار 486 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم شروعاتي 50 ميچن ۾ 2 هزار 129 رنسون ٺاهيون هيون.
ڏکڻ آفريقا خلاف آخري ون ڊي ميچ ۾ فخر زمان اوپنر امام الحق سان گڏ پهرين وڪيٽ لاءِ 112 رنسن جي ڀائيواري پڻ قائم ڪئي، جيڪا انهن ٻنهي وچ ۾ پنجين سينچري ڀائيواري آهي، ائين اهي ٻئي پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ سينچري ڀائيواري قائم ڪندڙ اوپنبر به بڻجي ويا آهن.