هندي سمنڊ ۾ ٺهندڙ سامونڊي طوفان نائوٽي رخ تبديل ڪري ورتو آهي. طوفان جو رخ تبديل ٿيڻ سان پاڪستان جي سامونڊي پٽي تان خطرو ٽري ويو.
17 کان 20 مئي تائين سمنڊ ۾ چاڙهه جي ڪيفيت رهندي. سامونڊي طوفان ڪراچي جي ڏکڻ ۽ اوڀر کان 1220 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي آهي. طوفان جي مرڪز ۾ هوائن جي رفتار 100 کان 120 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ هوائن جي رفتار وڌي 140 ڪلو ميٽر پهچي چڪي آهي. ٺٽو، بدين، ٿر، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ برساتن جو امڪان آهي. جڏهن ته ان دوران هوائن جي رفتار 60 کان 80 ڪلو ميٽر تائين ٿيڻ جو امڪان آهي. سمنڊ ۾ طوفان سبب حيدرآباد، ڄامشورو، بينظير آباد ۾ 18 کان 20 مئي تائين برسات پوڻ جو امڪان آهي.
ٻين ضلعن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ دادو به شامل آهن. 17 کان 20 مئي تائين سسٽم جي تحت سمنڊ ۾ چاڙهه جي ڪيفيت رهندي جنهن سبب مهاڻن کي 16 کان 20 مئي تائين اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.