حڪومت جي جان جنهن طوطي ۾ آهي اهو جهانگير ترين جي کيسي ۾ آهي: احسن اقبال

(ن) ليگ جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت جي جان جنهن طوطي ۾ آهي اهو جهانگير ترين جي کيسي ۾ آهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان جهانگير ترين کي اين آر او نه ڏيندو ته ٻيو ڪنهن کي ڏيندو.

هن جو چوڻ هو ته اين آر او جهانگير ترين جي کيسي ۾ آهي هو جڏهن چاهيندو طوطي جي ڳچي مروڙي ڇڏيندو.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت هر شعبي ۾ اسڪينڊل ٺاهيا آهن تحريڪ انصاف هاڻ ته حد ڪري ڇڏي آهي جو هنن عيد جو به اسڪينڊل ٺاهي ڇڏيو آهي.

Read Previous

سامونڊي طوفان جو رخ تبديل، پاڪستان جي سامونڊي پٽي تان خطرو ٽري ويو

Read Next

عيد ختم: سموري ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اڄ کان بحال ٿي وئي

Most Popular