عيد ختم: سموري ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اڄ کان بحال ٿي وئي

اين سي او سي طرفان پابندي ختم ڪرڻ کان پوءِ سموري ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اڄ کان بحال ڪئي وئي آهي.

اين سي او سي موجب پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گنجائش کان 50 سيڪڙو گهٽ مسافرن کي ويهاري سگهبو. جڏهن ته ٽرينون 70 سيڪڙو مسافرن سان هلايون وينديون.

حڪومتي اعلان موجب پشاور ۾ بي آر ٽي سروس به صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين ٻيهر شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سموريون آفيسون به 50 سيڪڙو حاضري سان سڀاڻي کان کوليون وينديون. بازارون رات جو 8 وڳي تائين کولي رکڻ جي اجازت هوندي.

ٻئي طرف سموري ملڪ ۾ تعليمي ادارا 23 مئي تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايس او پيز جو جائزو وٺڻ جي لاءِ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) جو اجلاس 19 مئي تي ٿيندو.

Read Previous

حڪومت جي جان جنهن طوطي ۾ آهي اهو جهانگير ترين جي کيسي ۾ آهي: احسن اقبال

Read Next

ٽيهن سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن جي ويڪسينيشن لاءِ رجسٽريشن شروع

Most Popular