ٽيهن سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن جي ويڪسينيشن لاءِ رجسٽريشن شروع

حڪومت 30 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي ڪورونا ويڪسينيشن لاءِ رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب ڊائريڪٽر جنرل(ڊي جي) صحت ڊاڪٽر رانا صفدر  ٻڌايو آهي ته 30 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن جي رجسٽريشن شروع ٿي وئي آهي. پاڻ کي ڪورونا کان محفوظ رکڻ جي لاءِ رجسٽريشن ڪرايو. ان حوالي سان ڊاڪٽر رانا صفدر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان 30 سالن کان وڌيڪ عمر ۾ آهيو ته پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ 1166 تي  موڪلي رجسٽريشن ڪريو ۽ ٻين ماڻهن کي به رجسٽريشن لاءِ همٿ ڏياريو.

واضح رهي ته سموري ملڪ ۾ ڪورونا ويڪسينيشن جو مرحليوار عمل جاري آهي ۽ آخري ڀيرو 40 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ  ڪورونا رجسٽريشن جو عمل شروع ڪيو ويو هو.

Read Previous

عيد ختم: سموري ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اڄ کان بحال ٿي وئي

Read Next

پنجاب ۾ سترنهن مئي کان ڪاروباري سرگرميون شروع ڪرڻ جي اجازت

Most Popular