پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان سپر ليگ 6 جون رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ ڪرائڻ جي منظوري ملي وئي.
ابو ظهبي ۾ پي ايس ايل 6 جون باقي ميچون ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سموريون رنڊڪون ختم ٿي ويون آهن ۽ پي سي بي ۽ سڀني فرنچائز مالڪن وچ ۾ آن لائن اجلاس کانپوءِ ايونٽ بابت انتظامن کي حتمي شڪل ڏني ويندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جي رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ ڪرائڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جي حڪومت طرفان مڪمل منظوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.