اسرائيل جو جنگي جنون برقرار، غزا تي وڌيڪ فضائي حملا

اسرائيل جو جنگي جنون ختم ٿيڻ جو نالو نه پيو وٺي ۽ اڄ خميس جي صبح به غزا پٽي تي وڌيڪ فضائي حملا ڪيا ويا آهن.

اسرائيل جي تازن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

اربع ۽ خميس جي وچين رات پڻ وچ شهر دير البلح ۽ ڏکڻ شهر خان يونس ۾ فضائي حملا ڪيا ويا ۽ غزا ۾ ڌماڪن سان سڄو شهر لُڏندو رهيو.

اسرائيل ۽ حماس ۾ توڙي جو يارهين ڏينهن به حملن جو سلسلو جاري آهي پر حماس جي هڪ اعليٰ عهديدار جلد جنگبندي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

Read Previous

حڪومت ڪورونا ويڪسين جو انتظام به نه ڪري سگهي، اها خيرات ۾ ملي: شهباز شريف

Read Next

ٻڏتر واري صورتحال ختم، پي ايس ايل 6 جون رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ ٿينديون

Most Popular