ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، سنڌ ۾ پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪورونا سبب لاڳو پابنديون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس جي صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، گهرو معاملي بابت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڪور فائيو، رينجرز ۽ ڊبليو ايڇ او جا نمائندا به شريڪ ٿيا.

وڏي وزير چيو ته ڪالهه 20421 رڪارڊ ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 9000 رڳو ڪراچي مان هيون، انهن مان 2 هزار 76 ڪيس هاڪاري آيا، جيڪا شرح 10.2 سيڪڙو آهي، رڳو ڪراچي ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 16.82 سيڪڙو آهي.

هن چيو ته عيدالفطر 13 مئي تي ٿي، ان ڏينهن صوبي ۾ 1232 ڪيس هئا، عيد کانپوءِ 19 مئي تي 2076 ڪيس سامهون آيا، جيڪو 10.2 سيڪڙو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته صوبي ۾ ڪورونا ڪيس وڌي رهيا آهن، اسان کي نرميون ڪرڻ ڏکيو لڳي رهيو آهي.

Read Previous

ٻڏتر واري صورتحال ختم، پي ايس ايل 6 جون رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ ٿينديون

Read Next

حڪومت ۽ جهانگير ترين گروپ ۾ معاملا طئي ٿي ويا

Most Popular