چوڌري نثار علي خان حلف کڻڻ کان سواءِ ئي اسيمبلي مان ٻاهر نڪري آيو. رپورٽ موجب سينئر سياستدان چوڌي نثار علي خان پنجاب اسيمبلي ۾ پنهنجي رڪنيت جو حلف کڻڻ جي لاءِ پهتو ته صحافين جي هڪ وڏي انگ سندس گهيرو ڪري ورتو ۽ ان جي سياسي حڪمت عملي تي سوال شروع ڪري ڏنا پر چوڌري نثار صحافين جي ڪنهن به سوال جو جواب ڏيڻ کان سواءِ خاموشي سان ايوان ۾ داخل ٿي ويو جتي هن کي اسيمبلي چيمبر ۾ ويهاريو ويو.
چوڌري نثار اسيمبلي پهچڻ تي اسيمبلي جي سيڪريٽري محمد خان ڀٽي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس حلف کڻڻ جي حوالي سان باضابطه آگاهه ڪندي چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي غير موجودگي ۾ حلف کڻي سگهان ٿو. پنجاب اسيمبلي جي رولز 15 موجب پينل آف چيئرمين جو حلف کڻي سگهان ٿو. چوڌري نثار رولز جي ڪاپي به اسپيڪر پنجاب اسيمبلي جي چيمبر ۾ پيش ڪئي پر ڊگهي دير تائين انتظار ڪرڻ کان پوءِ کيس بنا حلف کڻڻ جي ايوان کان ٻاهر اچڻو پيو.