مراد علي شاهه جي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ مقابلي دوران شهيد پوليس اهلڪارن جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ متاثر خاندانن کي ڀرپور خيال رکڻ جي خاطري ڪرائي.

سيد مراد علي شاهه شڪارپور ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي دوران شهيد اهلڪارن جي رهائشگاهه پهتو، هن چيو ته اڳ ۾ شهيد اهلڪارن جي وارثن سان ملندس، پوءِ اجلاس ڪندس.

هن شهيد اهلڪار منور جي ڀاءُ ۽ وارثن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته شهيد اهلڪارن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، توهان جو هر قسم جو خيال رکيو ويندو.

وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهيد اهلڪار منور جا 5 ٻار ۽ هڪ بيواهه آهي، جڏهن ته سيد مراد علي شاهه شهيد اهلڪار جي وڏي پٽ انور علي سان به ملاقات ڪئي ۽ کيس تعليم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي.

پوءِ وڏي وزير گذريل ڏينهن هڪ ٻئي مقابلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ شهيد ٻن پوليس اهلڪارن جي وارثن سان به ملاقات ڪئي ۽ کين خاطري ڪرائي ته توهان جو جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو يا ڇوڪري آهي ته ان کي نوڪري ڏني ويندي.

Read Previous

عالمي برادري ڪورونا کي جنگ سمجهي جدوجهد ڪري: انتونيو گوتريس

Read Next

جسٽس فائز عيسيٰ خلاف نيون حڪومتي درخواستون رد

Most Popular