ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ دبئي ايوي ايشن پاڪستاني مسافرن سميت 7 ملڪن تي پابندي برقرار رکي آهي.
رپورٽ موجب دبئي سول ايوي ايشن اختيارين سفري پابندين جو نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني مسافرن سميت 7 ملڪن تي پابندي برقرار رکي وئي آهي. پابندي وارن ملڪن ۾ پاڪستان کان علاوه ڀارت، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا، نائيجيريا ۽ ڏکڻ آفريقا شامل آهن.