جسقم چيئرمين صنعان قريشي گرفتار، مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي جي علائقي گلشن حديد مان رات دير سان چڙهائي ڪري جسقم چيئرمين صنعان قريشي کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي.

پوليس ۽ رينجرز رات دير سان جسقم ھائوس گلشن حديد تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ هائوس تي ترسيل مهمانن کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي کي گرفتار ڪري گاڏي ۾ ويهاريو اڻ ڄاتل هنڌ کڻي وئي.

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي گرفتاري ۽ بحريا ٽائون جي گيٽ اڳيان پرامن ڌرڻي ۾ تي فائرنگ ۽  شيلنگ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾  جسقم ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي طرفان سخت احتجاج ڪيو ويو آهي.

احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن چيو آهي ته سنڌ دشمن منصوبي بحريا ٽائون خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پرامن احتجاج کي ھڪ منظم سازش ۽ رٿابندي تحت شرپسندن معرفت پرتشدد بڻائيندي احتجاج کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته گذريل رات صنعان خان قريشي  جي گھر تي چڙھائي ڪندي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد صنعان خان قريشي کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ وڏي پئماني تي احتجاج ڪيو ويندو.

Read Previous

دبئي سفري پابندين جو نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو، پاڪستان تي پابندي برقرار

Read Next

ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.02 سيڪڙو وڃي بچي

Most Popular